منگل، 29 دسمبر، 2020

خواجا آصف کي گرفتار نه پر اغوا ڪيو ويو آهي: مريم نواز

 

خواجا آصف کي گرفتار نه پر اغوا ڪيو ويو آهي: مريم نواز


اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پارٽي اڳواڻ خواجا آصف کي گرفتار نه پر اغوا ڪيو ويو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته خواجا آصف پارٽي سان مشاورتي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. اجلاس مان نڪرڻ جي فوري بعد خواجا آصف کي گرفتار ڪيو ويو.

مريم نواز چيو ته خواجا آصف کي چيو ويو ته توهان نواز شريف جو ساٿ ڇڏيو. خواجا آصف کي چيو ويو ته نواز شريف جو ساٿ ڇڏيو يا نتيجن لاءِ تيار ٿيو. خواجا آصف هنن کي چيو ته توهان کي جيڪو ڪرڻو آهي ڪيو.

مريم نواز چيو ته خواجا آصف کي گرفتار نه پر اغوا ڪيو ويو آهي. سڄي قوم جون نظرون هاڻ عدليه تي آهن، اسان کي انصاف جي اميد آهي.

هن چيو ته ڪيترن ئي ميهنن کان مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ حمزه جيل ۾ آهن. پنجاب اسيمبلي جي 160 مان 159 استعيفائون اچي چڪيون آهن. گرفتارين کان ڊڄڻ وارا ناهيون اسان ظلم جو مقابلو ڪيو آهي.

هن چيو ته هاڻ رڳو بيان بازي نه ڪنداسين ۽ وڌيڪ ظلم کي برداشت نه ڪنداسين. هن ڀيري بيان بازي سان ڪم نه هلندو، فيصلو ٿيندو ۽ ان تي عمل ٿيندو.



Disqus Comments